علي ڏنو جروار

علي ڏنو جروار

علي ڏنو جروار

علي ڏنو جروار: شاعر، ڪالم نويس ۽ استاد علي ڏنو ولد آدم خان جروار 15 جنوري 1966ع تي، ڳوٺ داد جروار، تعلقي چمبڙ، ضلعي ٽنڊي الھيار ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان، جڏهن ته ايم. اي (معاشيات) ۽ ايم. ايڊ جون ڊگريون سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان حاصل ڪيون. جون 1987ع ۾ پرائمري استاد جي حيثيت سان عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي. پرائمري استاد جي حيثيت ۾ ضلعي جي ڪيترن ئي اسڪولن ۾ ڊيوٽي انجام ڏني. 1984ع کان سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس شاعري ۽ مضمون ڇپجڻ شروع ٿيا. شاگرديءَ واري دؤر ۾ سياست جي شروعات ڪئي ۽ 1983ع ۽ 1986ع واري آر ڊي'>ايم آر ڊي تحريڪ ۾ حصو ورتو. استادن جي نمائنده جماعت آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ائسوسيئيشن ۾ مختلف وقتن تي مرڪزي اليڪشن ڪميٽيءَ جو ميمبر ۽ وائيس چيئرمئن پڻ رهيو آهي. جتي قادر بخش طالباڻي، محمد رفيق جروار ۽ انتظار حسين ڇلگري سندس اڳواڻ رهيا. هڪ ماهر استاد جي حيثيت سان، سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي نصاب ۽ نظرثاني ڪميٽين جو 2003ع کان ميمبر رهندو پيو اچي. سندس لکيل ڪجهه سبق نصابي ڪتابن ۾ پڻ شامل آهن. 1999ع کان جز وقتي طور صحافتي شعبي ۾ رهندي ’الک‘، ’سنڌ‘، ’مھراڻ‘ ۽ ’ڪاوش‘ اخبارن ۾ سب ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪم ڪيو. ان کانسواءِ ڪيترو ئي وقت ’عبرت‘ مئگزين جو اسسٽنٽ ايڊيٽر پڻ رهيو آهي. ادبي ڪمن جي مڃتا طور کيس ’صوفي فائونڊيشن‘ ڀٽ شاهه ۽ ’علم ادب اڪيڊمي‘ ٽنڊي محمد خان پاران اوارڊ ملي چڪا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1966.01.15  عيسوي

شاعر، ڪالم نويس ۽ استاد علي ڏنو ولد آدم خان جروار 15 جنوري 1966ع تي، ڳوٺ داد جروار، تعلقي چمبڙ، ضلعي ٽنڊي الھيار ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جان الله شاهه ثالث
دارا شاهه 1
ممتاز بخاري
جلال الدين شاهه
خير محمد لغاري
جوهر شوڪت علي مولانا
الفارابي
ابڙو مولوي حڪيم قاضي خاڪ
سيد ولايت شاهه
استاد انور علي سانگي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون